جبو ڪوٽ

جبو ڪوٽ

جبو ڪوٽ

جبو ڪوٽ: اڇڙي ٿر ۾ قائم هي قديم ڪوٽ ضلعي خيرپورميرس ۾ نارا تعلقي جي ديهه جُبي ۾ واقع آهي. هن ڪوٽ جي آسپاس وڏيون وڏيون ڀٽون ڪر کڻي بيٺيون آهن. جبو ڪوٽ جي ڀرسان ڊرينهه جو سلسلو به گذري ٿو. موجوده وقت جبو ڪوٽ هڪ مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾ گهاٽن کجين جي وچ ۾ ڪرڙن ڪانڊيرن ۾ آهي. جبو ڪوٽ جو اهو ملبو زمين کان اٽڪل 30 فٽ بلند آهي. ان جي اتر پاسي تي پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، جنهن کي ٿاريچا ’ڪوٽ واري ڍنڍ‘ سڏين ٿا. ڪوٽ جي اوڀر ۾ هڪ وڏي واريءَ جي ڀٽ به آهي. اوڀر پاسي کان ٿوري پنڌ تي هندستان جي سرحدي لائين گذري ٿي. ڪوٽ جي معائني مان ائين محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ ڪوٽ اوڏڪي مٽيءَ جو جوڙيل هو، پر مڪاني ماڻهن جي چوڻ مطابق جبو ڪوٽ ڪچين سرن سان اڏيل هو. پر ڪن روايتن موجب ڪوٽ جي اڏاوت ۾ پڪيون سرون به وڏي تعداد ۾ استعمال ٿيل هيون، جيڪي پوءِ آسپاس جا ماڻهو ڪڍي ويا.

جُبو ڪوٽ کي جنوئي تڙ، مٺڙائو تڙ، چٽڙوهي تڙ ۽ پسائو تڙ ويجهو پون ٿا، جن تي مختلف ذاتيون رهن ٿيون. جبو ڪوٽ وٽ جانوري ذات جا ماڻهو چڱي تعداد ۾ رهن ٿا. چيو وڃي ٿو ته ميرن پنهنجي صاحبيءَ ۾ ڪيترائي پنهنجا جنگجو قبيلا وٺي اچي اڇڙي ٿر ۾ قائم ڪوٽن ۾ رهايا هئا، پر وقت گذرڻ سان اهي قبيلا اتي مستقل طور رهي نه سگهيا. جلد ئي واپس پنهنجي اباڻن ڪکن ڏي هليا ويا. جبي ڪوٽ جي آسپاس. هاڻي جبي ديهه اندر، بلوچ ذاتين مان رڳو جانوري ئي وڃي بچيا آهن، ان ڪري اڇڙي ٿر جي هڪ چوڻي آهي: ”جانوري، کوڙي (ڪوٽ) واري خانن مان، يا جبي (ڪوٽ) واري جوانن مان“. هي هڪ ننڍڙو مڪمل چوڪور ڪوٽ آهي، ان جو هر هڪ پاسو اٽڪل 102 فٽ ڊگهو آهي. ڪوٽ جي چوڦير ديوار جي سراسري ويڪر 15 فٽ آهي. جيئن ته ڪوٽ هاڻي هڪ ملبي جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، تنهن هوندي به ان ڍير ۾ دفن ٿيل ڪوٽ جون ديوارون ڪافي ڪشاديون ٿيون لڳن، ان مان اهو اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪوٽ کي ديوار سان گڏ هڪ تمام ٿلهي ۽ مضبوط غلام گردش به ڏنل هئي. جنهن ڪري ڪوٽ جي ٻاهرين ديوار وٽ مٽيءَ جو ايڏو وڏو مقدار ملي ٿو. ڪوٽ جي ويڪري غلام گردش کي ٻاهران ۽ اندران سرن جا پشتا ڏئي، ان جي وچ ۾ ڪچي مٽيءَ جو ڀراءُ ڪيو ويو آهي.

برج: جوڌپور ۽ جيسلمير جي سرحد ڀرسان، اڏيل هن ڪوٽ جي حفاظت لاءِ چار شاهي برج ان جي چئن ڪنڊن تي ٺاهيا ويا هئا، جنهنڪري اڄ ڪوٽ جي چئني ڪنڊن وٽ مٽيءَ جو تمام گهڻو ڀراءُ ملي ٿو. ڄڻ اتي مٽيءَ جا پهاڙ پيا آهن. موجوده وقت به اتي مٽيءَ جي ڍير جي بلندي زمين جي سطح کان 50 فوٽ اوچي آهي. برجن جو قطر 30 فٽ بيهي ٿو. مطلب ته جبو ڪوٽ مضبوطيءَ جي لحاظ کان اڇڙي ٿر جو هڪ مثالي ڪوٽ آهي. حالانڪ ايراضي ۽ رهائشي سهولتن جي لحاظ کان تمام ننڍو آهي.

مارا: ڪوٽ جي حفاظت لاءِ ٻاهرين ديوار ۽ برجن ۾ مارا پڻ ٺاهيا ويا هئا، پر موجوده وقت ڪوٽ جي اولهه ديوار ۾ رڳو هڪ مارو ڪجهه قدر صحيح حالت ۾ نظر اچي ٿو. ان ماري جي سائز 4x4.5 انچ آهي. ان مان بخوبي اندازو ڪري سگهجي ٿو ته ڪوٽ جا محافظ ڪوٽ اندران لڪي پنهنجي هٿيارن وسيلي سولائيءَ سان دشمن کي نشانو بڻائي سگهندا هئا.

دروازو: هڪ محتاط اندازي مطابق ڪوٽ کي صرف هڪڙو ئي دروازو هو، جنهن جي هاڻي سر زمين تي نشاندهي نٿي ڪري سگهجي.





لفظ جبو ڪوٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو